Home قومي فيصل آباد ۾ شاليمار ايڪسپريس جي بوگي پٽڙي تان لهڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي ويو
0

فيصل آباد ۾ شاليمار ايڪسپريس جي بوگي پٽڙي تان لهڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي ويو

0
0

فيصل آباد ۾ شاليمار ايڪسپريس جي بوگي پٽڙي تان لهڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي ويو، اڪبر ۽ پاڪستان ايڪسپريس کي رسالا والا اسٽيشن تي روڪڻ بعد روانو ڪيو ويو آهي.

لاهور کان ڪراچي ايندڙ شاليمار ايڪسپريس جي سامان سان ڀريل بوگي پٽڙي تان لهي وئي، جنهن سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

واقعي بعد ٽريڪ کي ريل گاڏين جي اچ وڃ معطل ٿي وئي، جنهن سبب اڪبر ۽ پاڪستان ايڪسپريس کي رسالي والا اسٽيشن تي روڪيو ويو.

امدادي ٽيمن ۽ ريلوي عملدارن پهچي بوگي کي پٽڙي تان هٽائي ٽريڪ کي بحال ڪيو، جنهن بعد ريل گاڏين جي اچ وڃ بحال ٿي وئي آهي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *