Home سنڌ ٽنڊوالهيار ۾ مبينا طور اغوا ٿيل نينگر ۽ نينگريءِ جي بازيابي لاءِ سندن وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي
0

ٽنڊوالهيار ۾ مبينا طور اغوا ٿيل نينگر ۽ نينگريءِ جي بازيابي لاءِ سندن وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي

0
0

ٽنڊوالهيار ۾ مبينا طور اغوا ٿيل نينگر ۽ نينگريءِ جي بازيابي لاءِ سندن وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

نينگر ۽ نينگري جي مبينا طور اغوا ٿيڻ خلاف مغوين کي وارثن ٽنڊو الهيار پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي مسمات خاتون، محمد يوسف جويو ۽ ٻين چيو ته اقصيٰ ۽ 8 سالن جو آصف پنهنجي چاچي جي گهر ڪم سان ويل هئا جڏهن هو اتان واپس گهر موٽڻ لڳا ته اڃان تائين گهر نه پهتا ۽ گهڻي ڳولها ڪرڻ بعد اسان کي خبر پئي آهي ته اسان جي ڪالوني جي رهواسين جن سان اسان جو تڪرار هلندڙ آهي جمن سهتو، دائود سهتو، پيار علي خاصخيلي، انور خاصخيلي ۽ ٻن نامعلوم ساٿين اسان جي ٻارڙن کي اغوا ڪيو آهي هنن چيو ته اغوا ڪندڙ اسان سان رابطو ڪري ٻارڙا واپس موٽائڻ جو واعدو ڪيو پر انهن اسان کي اسان جا ٻارڙا واپس نه ڪيا  آهن هنن چيو ته پوليس اسان سان ڪوبه تعاون نه ٿي ڪري اسان کي حدن جي ڪابه خبر نه آهي پر اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي پوليس جو چوڻ آهي ته اوهان جي ڪالوني اسان جي حد ۾ نه آهي هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، هائي ڪورٽ سنڌ، سيشن ڪورٽ ٽنڊوالهيار، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار جاويد بلوچ ۽ ٻين اعليٰ اختيارن کان اپيل ڪئي ته اسان جي ٻارڙن کي هنن ڏوهارين جي قبضي مان آزاد ڪرايو وڃي ۽ هنن خلاف ايف آئي آر داخل ڪري اغوا ڪندڙ جوابدارن کي سزا ڏني وڃي جيڪڏهن اسان جي ٻارڙن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار ڄاڻايل جوابدار هوندا.ايس ايڇ او افضل مگسي احتجاجي ڌرڻي واري جاءِ تي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪرڻ بعد احتجاج ختم ڪرايو.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *