وفاقي حڪومت سان اختلافن کانپوءِ پنجاب جي گورنر چوڌري سرور عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، چوڌري سرور اڄ 2 وڳي اهم پريس ڪندو، نئين گورنر لاءِ مخدوم احمد محمود سميت مختلف نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، پنجاب جي گورنر چوڌري سرور پاران آمريڪي صدر براڪ اوبامه جي دوري تي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي تنقيد جو وزيراعظم نواز شريف سختيءَ سان نوٽيس ورتو هو، جنهن سبب کيس هٽائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو هو.
حڪومت جي هٽائڻ کان اڳ ئي چوڌري سرور پنجاب جي گورنرشپ تان استعيفيٰ ڏئي صدر ممنون حسين ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.
چوڌري سرور جو چوڻ آهي ته وٽس ڪي به اختيار ناهن، موجوده حڪومت تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، تنهن ڪري هو وڌيڪ گورنر طور ڪم نٿو ڪري سگهي.
چوڌري سرور چيو ته هو اڄ2 وڳي پريس ڪانفرنس ڪر ي عوام کي آگاهه ڪندو.
پنجاب جي گورنر جي استعيفيٰ بعد حڪومت مختلف نالن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جن مان اڳوڻي گورنر مخدوم احمد محمود جو نالو سرفهرست آهي، جڏهن ته راڻا اقبال ۽ جعفر اقبال جي نالن تي به غور ڪيو پيو وڃي.
Related posts:
- چوڌري سرور جي پنجاب جي گورنر طور استعيفيٰ کانپوءِ حڪومت نئين گورنر لاءِ مختلف نالن تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي
- قصور واقعو پنجاب حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي، پوليس ۽ حڪمران مظلومن جي مدد ڪرڻ بدران ظالمن کي تحفظ ڏئي رهي آهي;پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري سرور
- پاڪستان ۾ اقليتي برادري عدم تحفظ جو شڪار آهي گورنر پنجاب چوڌري سرور
- پنجاب حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام مٿان ٽيڪس جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، چوڌري سرور