Home قومي پاڪستان بار ڪائونسل پاران فوجي عدالتن جي قيام خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي
0

پاڪستان بار ڪائونسل پاران فوجي عدالتن جي قيام خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

0
0

پاڪستان بار ڪائونسل پاران ايڪويهين آئيني ترميم ۽ فوجي عدالتن جي قيام خلاف  سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، مختلف شهرن ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.

پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ايڪيوهين آئيني ترميم ۽ فوجي عدالتن جي قيام خلاف عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

وڪيلن جي هڙتال سبب ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽ، ملير ڪورٽ ۽ دهشتگردي جي روڪٿام وارين عدالتن ۾ وڪيل پيش نه ٿيا.

وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ سبب ڪيترن ئي اهم ڪيسز جون ٻڌڻيون نه هلي سگهيون ۽ عدالت ۾ آيل سائلين کي حاضري لاءِ نئين تاريخ ڏئي واپس موڪليو ويو.

پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳواڻن 21 هين آئيني ترميم ۽ فوجي عدالتن جي قيام کي عدليه جي آزادي خلاف قرار ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اڳ ئي قانون موجب آهن، جن کي مضبوط ڪيو وڃي.

اڳواڻن چيو ته فوجي عدالتن جي قيام کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، اهڙيون عدالتون عدليه جي آزادي کي متاثر ڪري رهيون آهن، اهڙي عمل خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *