Home قومي پشين ۾ گهر اندر گئس ڀرجڻ سبب 3 عورتون ۽ 7 ٻارڙا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا
0

پشين ۾ گهر اندر گئس ڀرجڻ سبب 3 عورتون ۽ 7 ٻارڙا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا

0
0

بلوچستان جي علائقي پشين ۾ هڪ گهر اندر گئس ڀرجڻ سبب 3 عورتون ۽ 7 ٻارڙن ساهه ٻوساٽجڻ ڪري فوت ٿي ويا آهن، پوليس موجب، واقعو گهر اندر جنٽريٽر مان گئس ڀرجڻ ڪري پيش آيو.

ريسڪيو ذريعن موجب، پشين جي ڪلي ڪربلا واري علائقي ۾ گهر اندر گئس ڀرجڻ سبب 3 عورتن، 7ٻارڙن سميت 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

پوليس موجب، فوتي عورتن ۽ ٻارڙن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، فوتين جو واسطو پشتون خاندان سان آهي.

پوليس موجب، واقعو گهر اندر جنريٽر مان گئس ڀرجڻ سبب پيش آيو آهي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *