وزيراعظم نواز شريف جي آمد ۽ ڪورم پورو نه هئڻ سبب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو
0
0
وزيراعظم نواز شريف جي آمد ۽ ڪورم پورو نه هئڻ سبب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.
سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سينيئر وزير نثار احمد کهڙي ۽ مڪيش ڪمار چاولا سميت رڳو 3 ميمبر موجود هئا.
ايوان ۾ سينيئر وزير نثار احمد کهڙي ڪورم پورو نه هئڻ جي نشاندهي ڪئي، جنهن تي اسپيڪر پاران اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو.
اسيمبلي قانونن موجب، ميمبرز نه هئڻ تي گهنٽيون وڄايون وينديون آهن پر اسپيڪر رڳو ٽن منٽن اندر ئي اجلاس ملتوي ڪيو.
واضح رهي ته ايم ڪيو ايم پاران وڏي وزير خلاف استحقاق واري رٿ جمع ڪرائي وئي هئي، جنهن سبب اڄوڪي اجلاس ۾ گرما گرم بحث ٿيڻ جو امڪان هو پر اسپيڪر ڪارروائي هلائڻ بدران اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
Related posts:
- سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ڪورم پورو نه هئڻ سبب اجلاس ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو
- اسپيڪر کي ڪورم پورو نه هئڻ جي صورت ۾ اجلاس ملتوي ڪرڻ جا اختيار هوندا آهن نثار کهڙو
- سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ڪورم پورو نه هئڻ جو سبب ڄاڻائيندي اجلاس 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيو
- سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻئي ڏينهن به الطاف حسين جي بيان خلاف گوڙ رهيو، اجلاس جي ڪارروائي جمعي تائين ملتوي