وانا ۾ 2 ڏينهن اڳ دهشتگردن هٿان شهيد ٿي ويل فوجي اهلڪار عبدالسلام جو مڙهه مٽياري پهچائڻ بعد فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن شرڪت ڪئي.
دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ فوجي اهلڪار عبدالسلام جو مڙهه مٽياري پهچايو ويو، جنهن بعد اباڻي قبرستان ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
فوجي اهلڪارن جي جنازي نماز ۾ برگيڊِِيئر نعمت الله، ڪرنل زاهد، ق ليگ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي برگيڊيئر نعمت الله جو چوڻ هو ته فوجي اهلڪار عبدالسلام جي شهادت تي کين فخر آهي، جيستائين ملڪ جا جان نسار موجود آهن، تيستائي ڪير به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي.
ق ليگ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جي قربانين سبب ملڪ سلامت آهي، فوجي جوانن قربانيون ڏئي ملڪ کي مضبوط بڻايو آهي…………………….
Related posts:
- اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿي ويل فوجي اهلڪار جو گمبٽ ويجهو اباڻي ڳوٺ ۾ فوجي اعزاز سان مڙهه مٽيءَ حوالي ڪيو ويو
- ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردي سان وڙهندي شهيد ٿي ويل فوجي اهلڪار جو مڙهه گمبٽ پهچائڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئي
- ڪراچي ۾ شهيد ٿيل ڊي ايس پي عبدالفتاح سانگري جو مڙهه پير ڳوٺ ۾ سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو
- لاهور بم ڌماڪي ۾شهيد ٿي ويل وڌيڪ هڪ نينگر جو کڏڙي ويجهو اباڻي ڳوٺ ۾ مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو