پشاور جي ارمڙ واري علائقي ۾ سرچ آپريشن دوران هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جوابي ڪارروائي ۾ هڪ اشتهاري ڏوهاري به مارجي ويو.
پشاور جي ارمڙ واري علائقي ۾ ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو ته اڻڄاتل هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار ٿڏي تي شهيد ۽7 زخمي ٿي پيا، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ اشتهاري ڏوهاري به مارجي ويو.
شهيد ٿيل اهلڪارن جا لاش ۽ زخمي اهلڪارن کي پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي وڌيڪ هڪ زخمي اهلڪار زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو، جڏهن ته 6 اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس موجب، ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي سرچ آپريشن شروع ڪيو ۽ جيئن اهلڪار پهتا ته هٿياربندن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني.
واقعي بعد پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي………….
Related posts:
- ڪوئيٽا جي علائقي ڪلي ناصران ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد 3 زخمي
- ٻانڌي ويجهو پوليس جي چيڪ پوسٽ تي هٿياربندن جي حملي ۽ فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو
- ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اي ايس آءِ سميت چار پوليس اهلڪار شهيد
- چاغي ۾ سڪيورٽي فورسز جي سرچ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ 15 هٿياربند مارجي ويا هڪ اهلڪار شهيد