حڪومت ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي کي پرچائڻ جو ٽاسڪ هڪ ڀيرو ٻيهر جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ڏئي ڇڏيو آهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ سومر ڏينهن ملاقات ٿيڻ جو امڪان آهي.
وزيراعظم نوازشريف جي قانوني معاملن بابت صلاحڪار بئريسٽر ظفر الله، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان رابطو ڪيو.
بئريسٽر ظفر الله، مولانا فضل الرحمان کي آگاهي ڏني ته ايم ڪيو ايم سان ڳالهين ۾ ڊيڊلاڪ پيدا ٿي ويو آهي، متحده ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.
بئريسٽر ظفر الله جو چوڻ آهي ته حڪومت ايم ڪيو ايم جا جائز خدشا ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، تنهن ڪري ڪردار ادا ڪيو وڃي.
ذريعن موجب، حڪومت پاران پيپلزپارٽي کي پرچائڻ جو ٽاسڪ پڻ مولانا فضل الرحمان کي ڏنو ويو، جنهن بعد جي يو آءِ سربراهه اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان رابطو ڪري ملاقات جو وقت گهريو.
خورشيد شاهه جي ڪراچي روانگي ملاقات نه ٿي سگهي، ٻنهي اڳواڻن ۾ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ملاقات ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان ايم ڪيو ايم ۽ حڪومت ۾ ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.
Related posts:
- مولانا فضل الرحمان ۽ خورشيد شاهه وچ ۾ اڄ اهم ملاقات
- وزيراعظم پاران ٽاسڪ ملڻ بعد جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا
- صرف مذهبي تنظيمن خلاف ڪارروائي لاءِ 21 هين آئيني ترميم منظور ڪئي وئي آهي مولانا فضل الرحمان
- پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو جنهن کي سيڪيولر بڻجڻ نه ڏينداسين مولانا فضل الرحمان