Home سنڌ جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گهرتي چڙهائي خلاف جسقم جي مرڪز جي سڏتي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا
0

جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گهرتي چڙهائي خلاف جسقم جي مرڪز جي سڏتي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

0
0

thul-JSQM03-9

جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گهرتي چڙهائي خلاف جسقم جي مرڪز جي سڏتي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن.

ميرو خان ۾ جسقم چيئرمين جي گهر تي چڙهائي ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ خلاف صوبيدار جتوئي، محسن جتوئي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

محراب پور ۾ رضوان جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي سخت احتجاج ڪيو.

عمر ڪوٽ ۾ رمضان خاصخيلي، آزاد ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي .

قمبر ۾ ممتا لاکو، يونس سومروجي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،گهارو ۾جسقم چيئرمين جي گهر تي چڙهائي خلاف سيد عادل شاهه، غلام حسين خاصخيلي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

ڪوٽڙي ۾ ديدار شام، سلام لاشاري جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي .

ڳڙهي خيري ۾ ديدار عمراڻي، منصور ٻٻر جي اڳواڻي جسقم ڪارڪنن مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي .

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *