Home سنڌ مدئجي ۽ ڪوٽ غلام محمد ۾ ٻه عورتون ڪارنهن الزام هيٺ ڀائرن هٿان مارجي ويون
0

مدئجي ۽ ڪوٽ غلام محمد ۾ ٻه عورتون ڪارنهن الزام هيٺ ڀائرن هٿان مارجي ويون

0
0

karo-kari03-9

مدئجي ۽ ڪوٽ غلام محمد ۾ ٻه عورتون ڪارنهن الزام هيٺ ڀائرن هٿان مارجي ويون آهن، گهوٽڪي ۾ ساڳئي ئي تڪرار تان ست ورهين جي ٻارڙي اجل جو شڪار ٿي آهي، جڏهن ته شڪارپور ۾ چانڊيا مگسي تڪرار تان هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي ۽ جيڪب آباد ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

مدئجي ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي نوجوان ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي.

ڳوٺ عارب مير بحر ۾ جوابدار اعجاز مير بحر ڪارنهن الزام هيٺ پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي ڀيڻ سميرا کي قتل ڪري ڇڏيو.

ڪوٽ غلام محمد جي ديهه 257 ۾ ڀائرن پنهنجي ڀيڻ مارئي بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

گهوٽڪي ۾ ڪارنهن تڪرار تان جوابدارن جي فائرنگ ۾ ست ورهين جي زادي شر مارجي وئي آهي.

شڪارپور ۾ چانڊيا مگسي تڪرار تان هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي، جيڪب آباد ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا مرڻينگ ٿي پيا آهن……

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *