سپر ماڊل ايان علي تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو, ماڊل کي لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: لطيف کوسا
ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل گرل ايان علي تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، عدالت ڪسٽم اختيارين کي 15 سيپٽمبر تائين ڪيس جو مڪمل چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
راوَلپنڊي جي ڪسٽم عدالت جي جج راڻا آفتاب ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سپر ماڊل ايان علي به عدالت ۾ پيش ٿي.
ٻڌڻيءَ دوران ڪسٽم اختيارين پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيس جو مڪمل چالان پيش نه ڪيو ويو.
ڪسٽم اختيارين عدالت کي آگاهي ڏني ته ايان علي کي ڪرنسي اسمگلنگ ڪندي موقعي تان گرفتار ڪيو ويو پر ڪيس ۾ جوابدار قرار ڏنل پراپرٽي ڊيلر ممتاز ۽ ادريس لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي، ان ڪري ٻنهي جوابدارن جو نالو چالان ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.
عدالت، چالان اڻپورو هئڻ سبب اڄ به ماڊل ايان علي تي فرد جرم لاڳو نه ڪيو، ڪسٽم عدالت جي جج ريمارڪس ڏنا ته معاملو هاءِ ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، ان ڪري فرد جرم لاڳو نٿو ڪري سگهجي.
عدالت، ڪسٽم کي هدايت ڏني ته ڪيس ۾ جوابدار قرار ڏنل ٻنهي پراپرٽي ڊيلرز جا نالا شامل ڪري ٻيهر مڪمل پيش ڪيو وڃي.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….
Related posts:
- ڪسٽم عدالت جو جج موڪل تي هئڻ سبب ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾سـُپر ماڊل ايان علي مٿان اڄ به فرد جـُرم لاڳو نه ٿي سگهيو
- راولپنڊي جـِي ڪسٽم عدالت، ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل گـَرل ايان علي مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ وارو معاملو هڪ مهيني تائين ملتوي
- ڪسٽم اختياريون ايان علي خلاف هن وقت تائين ڪي به جوڳا ثبوت پيش ناهن ڪري سگهيون پر ان باوجود فرد جرم لاڳو ڪيو:لطيف کوسو
- ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ سـُپر ماڊل ايان علي تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو, ڪيس جي ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي