Home سنڌ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڄ خير خيرات جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
0

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڄ خير خيرات جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

0
0

beggars-day05-9

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اڄ خير خيرات جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ڪراچي جي ڀٽائي آباد واسي حسين بخش چانڊيو جون اکيون اڄ به چمڙيءَ جي ڪينسر ۾ مبتلا پنهنجي چئن ٻارڙن جي علاج لاءِ فلاحي ادارن ۽ سرنديءَ وارن ۾ کتل آهن.

ملڪ جي مختلف شهرن سميت دنيا ۾ اڄوڪي ڏهاڙي تي تقريبون ڪوٺائي مدر ٽريسا کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي.

سماج ۾ نفسانفسي ۽ بي حسيءَ جو وڌندڙ رواج ماڻهن جي سخاوت کي گهٽائي نه سگهيو آهي، اڄ به ڪيترائي سرنديءَ وارا غريب ماڻهن جو سهارو بڻيل آهن.

ڪراچي جي ڀٽائي آباد ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان رهندڙ سانگهڙ واسي حسين بخش چانڊيو چمڙيءَ جي ڪينسر ۾ مبتلا پنهنجي چئن ٻارڙن جي علاج لاءِ اڄ به پريشان آهي.

پورهيت حسين بخش چانڊيو جو هڪ پٽ ۽ 3 نياڻيون چمڙيءَ جي ڪينسر ۾ مبتلا آهن.

سندس چوڻ آهي ته ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ ٻارڙن جو علاج ڪرايو پر سندن صحت ۾ ڪابه بهتري نه اچي سگهي آهي.

هن چيو ته هــُو پوليس ڊيپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪندو هيو پر ٻارڙن جي علاج سبب گسائڻ ڪري کيس نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو، جنهن بعد آخري سهارو رڪشا کپائڻ کانپوءِ گهر جو گاڏو هلائڻ به مشڪل ٿي ويو آهي.

پورهيت حسين بخش چانڊيو جا ٻارڙا هاڻي ڪيلشيم جي کوٽ جو به شڪار ٿي ويا آهن، اڄ خير خيرات واري ڏهاڙي تي سندس اکيون فلاحي ادارن ۽ سرنديءَ وارن ۾ کتل آهن، جيڪو سندس ٻارڙن جو علاج سان گڏوگڏ مالي سهائتا به ڪري سگهي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *