Home سنڌ رينجرز ۽ پوليس ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري ڏوهارين سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو
0

رينجرز ۽ پوليس ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري ڏوهارين سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو

0
0

KARACHI-rangras07-9

 رينجرز ۽ پوليس ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري ڏوهارين سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

رينجرز ڪراچي جي اختر ڪالوني، عزيز آباد جي محمودي ڪالوني ۽  ڀنگوريه ڳوٺ ۾ سرچ آپريشن ڪري 20کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو  آهي.

رينجرز سرچ آپريشن دوران ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا، جڏهن ته رينجرز گهر گهر تلاشي دوران ڪجهه هٿيار به هٿ  ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس پي آءِ بي ڪالوني، پراڻي سبزي منڊي ۽ هزاره ڪالوني وارن علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري 3 ڏوهارين سميت 30 کان وڌيڪ شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سولجر بازار ۾ مبينه پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو………..

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *