Home سنڌ زراعت واري وزير اين پي آءِ ڊبليو ملازمن سان ملاقات دوران کين ٻن ڏينهن اندر پڪو ڪرڻ جي خاطري
0

زراعت واري وزير اين پي آءِ ڊبليو ملازمن سان ملاقات دوران کين ٻن ڏينهن اندر پڪو ڪرڻ جي خاطري

0
0

NPIW-protest

ڪراچي پريس ڪلب آڏو اين پي آءِ ڊبليو ملازمن جو پڪو ڪرڻ لاءِ احتجاج جاري آهي، زراعت واري وزير اين پي آءِ ڊبليو  ملازمن سان ملاقات دوران کين ٻن ڏينهن اندر پڪو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

اين پي آءِ ڊبليو ملازمن جو پڪو ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي کان ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو جاري آهي.

ملازمن جي هڪ وفد ڪراچي ۾ زراعت واري وزير علي نواز مهر سان ملاقات ڪري پنهجا مسئلا پيش ڪيا، ملازمن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير  کين خاطري ڪرائي آهي ته سمورن ملازمن کي ٻن اندر پڪو ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

اين پي آءِ ڊبليو جي ملازمن جو چوڻ آهي ته کين پڪو ڪرڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *