Home سنڌ ڪنڌڪوٽ ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڏوهارين جي خانون ميراڻي ۽ شمن شر طور سڃاڻپ
0

ڪنڌڪوٽ ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڏوهارين جي خانون ميراڻي ۽ شمن شر طور سڃاڻپ

0
0

kandhkot-police

ڪنڌڪوٽ ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن ڏوهارين جي خانون ميراڻي ۽ شمن شر طور سڃاڻپ ٿي آهي، پوليس موجب زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويل ٽن  هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

 پوليس موجب رات دير سان ڪرمپور ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي تي  هٿياربندن ايس ايڇ او جي گاڏي تي  فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾  2 ڏوهاري مارجي ويا ۽ 3 هٿيار بند زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويا.

پوليس موجب مارجي ويل ڏوهارين جي خانون ميراڻي ۽ شمن شر طور سڃاڻپ ٿي آهي، جن جا لاش ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

  پوليس موجب،  مقابلي دوران زخمي ڪيل ڏوهارين جي ڳولا جاري آهي ۽ علائقي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي ………………….

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *