Home سنڌ ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج سبب مريض رُلي ويا
0

ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج سبب مريض رُلي ويا

0
0

karachi-janah-15-9

ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي احتجاج سبب مريض رُلي ويا، انتظاميه  احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ  پوليس جي وڏي نفري گهرائي ورتي، واٽر ڪينن به اسپتال پهچائي وئي، ، طاقت جو استعمال ٿيو ته آءِ سي يو ۽ ايمرجنسي سروسز به معطل ڪري ڇڏينداسين: مظاهرين جو چتاءڪراچي جي جناح اسپتال جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو هيلٿ الائونس نه ملڻ خلاف 4 ڏينهن به احتجاج جاري آهي، اوپي ڊي بند هئڻ سان گڏ ڪيترائي آپريشن ملتوي ڪيا ويا آهن.جناح اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل عملي جي احتجاج سبب مريضن کي تمام گهڻي پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.هيلٿ الائونس لاءِ پيرا ميڊيڪل عملي جي احتجاج سبب جناح اسپتال ۾ هيل تائين 450 آپريشن ملتوي ڪيا ويا آهن ۽ وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب ڪيترائي مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن.

وڏي وزير پاران پيرا ميڊيڪل عملي جي احتجاج جو نوٽيس وٺڻ باوجود مسئلو حل نه ٿيو آهي، پيراميڊيڪل عملي جي احتجاج سبب ڪيترن مريضن جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *