گڏيل عرب امارتن جي وزيراعظم شيخ محمد جو پٽ شيخ راشد 34 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
0
0
گڏيل عرب امارتن جي وزيراعظم شيخ محمد جو پٽ شيخ راشد 34 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، يو اي اي حڪومت پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
عرب نيوز موجب گڏيل عرب امارتن جي حڪمران جو پٽ شيخ راشد بن محمد بن راشد المڪتوم دل جو دورو پوڻ سبب دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
شيخ راشد گڏيل عرب امارتن جي وزيراعظم ۽ نائب صدر شيخ محمد جي ٻاويهه ٻارڙن مان ٻئي نمبر تي هو.
34 ورهين جي شيخ راشد جي لاڏاڻي تي گڏيل عرب امارتن جي حڪومت پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
شيخ راشد اسپورٽس ۾ وڏي دلچسپي رکندو هو ۽ ڪيترن ئي ڪمپنين جو مالڪ هو، شيخ راشد خوبصورت شخصيت هئڻ سبب عرب جي دلڪش شخصيت هئڻ جو اعزاز پڻ پنهنجي نالي ڪري چڪو هو………..
Related posts:
- ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد گڏيل عرب امارتن جي ٽيم کي 146 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي
- چار عرب ملڪن سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، بحرين ۽ مصر قطر سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا آهن
- سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جا پرڏيهي وزير اڄ هڪ ڏينهن جَي دوري تي پاڪستان پهچي رهيا آهن
- سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اڄ مسلمان برادري عيد الفطر ملهائي رهي آهي