Home سنڌ سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن ۾ ڪورنگي ضلعي جي تڪبندين خلاف ايم ڪيو ايم جون درخواستون اڪلائي ڇڏيون
0

سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن ۾ ڪورنگي ضلعي جي تڪبندين خلاف ايم ڪيو ايم جون درخواستون اڪلائي ڇڏيون

0
0

Sindh High Court new

سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن ۾ ڪورنگي ضلعي جي تڪبندين خلاف ايم ڪيو ايم جون درخواستون اڪلائي ڇڏيون، عدالت اليڪشن ڪميشن جي ڪيل تڪبندي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزنل بئنچ ڪورنگي ۾ تڪبندين بابت ايم ڪيو ايم جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

متحده پاران داخل درخواست ۾ ماڊل ڪالوني، رحيم جوکيو ڳوٺ، ملير کوکرا پار، ملير سٽي ۽ سعود آباد کي ڪورنگي ضلعي ۾ شامل ڪرڻ تي اعتراض واريو هو.

ايم ڪيو ايم جو موقف هو ته ڄاڻايل علائقا ملير ضلعي ۾ شامل رهيا آهن، انهن کي ڪورنگي ضلعي ۾ شامل نه ٿو ڪري سگهجي.

سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو ته ڄاڻايل علائقا ڪڏهن به ملير ضلعي جو حصو ناهن رهيا، انهن کي ڪورنگي ضلعي ۾ شامل ڪرڻ غلط ناهي.

سرڪاري وڪيل تڪبندين جي نوٽيفڪيشن ۾ هڪ ديهه جو نالو غلط لکجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ان کي به درست ڪيو ويندو.

عدالت ايم ڪيو ايم جون درخواستون اڪلائيندي حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪميشن جي تڪبندين موجب مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *