Home بين الاقوامي ڀارت وزيراعظم نواز شريف طرفان امن عمل لاءِ پيش ڪيل 4 نقاطي تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو

ڀارت وزيراعظم نواز شريف طرفان امن عمل لاءِ پيش ڪيل 4 نقاطي تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو

0
0

sustshama-sorj

ڀارتي پرڏيهي وزير سُشما سوراج وزيراعظم نواز شريف طرفان ڳالهين لاءِ پيش ڪيل 4 نقاطي فارمولي کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان رڳو هڪ نقطي تي عمل ڪندي دهشتگردي ختم ڪري ۽ ڳالهيون ڪري.

نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج چيو ته دهشتگردي ۽ ڳالهيون گڏ گڏ نٿيون هلي سگهن.

سُشما سوراج وزيراعظم نواز شريف طرفان ڀارت سان ڳالهين ۽ بهتر لاڳاپن لاءِ ڏنل 4 نقاطي فارمولي کي رد ڪيو ۽ چيو ته ڀارت لاءِ چار نه، پر هڪ ئي نقطو ڪافي آهي، پاڪستان دهشتگردي ختم ڪري ۽ ڳالهين جي ميز تي اچي.

هن چيو ته، عالمي برادري کي اهڙن ملڪن کي خلاف اٿي بيهڻ گهرجي، جيڪي دهشتگردي جي حمايت ڪرڻ سان گڏ دهشتگردن جي مدد ۽ حمايت ڪن ٿا.

ڀارتي پرڏيهي وزير الزام هنيو ته دهشتگردي جي حوالي سان ماضيءَ ۾ ڪيل واعدن تي عمل ڪرڻ ته پري ٿيو، پر تازو سرحد پار ڀارت اندر حملا ڪيا ويا.

هن وڌيڪ چيو ته، اهڙا حملا ڀارت ۾ عدم استحڪام پکيڙڻ ۽ ڪشمير جي ڪجهه حصن تي پاڪستان جي قبضي کي درست قرار ڏيڻ لاءِ ڪيا ويا……

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *