ڪراچي ۾ گرمي جي شدت اڄ ٽئين ڏينهن برقرار آهي، وڌ ۾ وڌ گرمي پد 40 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو
0
0
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت اڄ ٽئين ڏينهن برقرار آهي، وڌ ۾ وڌ گرمي پد 40 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ گرمي پد ۾ اضافي کانپوءِ شهر جي مختلف اسپتالن ۾ گرمي سٽيل ڪيترن مريضن کي داخل ڪيو ويو آهي.
ڪي ايم سي انتظاميه جو چوڻ آهي ته عباسي شهيد اسپتال ۾ اڄ گرمي سٽيل 7مريضن کي آندو ويو، جڏهن ته گذريل ڏينهن 9 مريضن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.
ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گرمي جي شدت ۾ اضافي کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ هيٽ اسٽروڪ سينٽر به قائم ڪيا ويا آهن.
Related posts:
- ڪراچي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به گرمي جي شدت برقرار، موسميات کاتي موجب گرمي پد 38 کان 40 سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان
- سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافو، ڪراچي ۾ 42 سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو
- سنڌ ۾ گرميءَ جي لهر برقرار آهي، منجهند 3 وڳي نوابشاهه ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي 47 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي
- موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ به گرمي جي شدت برقرار رهندي ۽ گرمي پد 40 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان