Home بين الاقوامي برطانيه پاڪستان ۾ فون ۽ انٽرنيٽ جي نگراني ڪندو رهيو آهي: سنوڊن سمارٽ فون کي محفوظ رکڻ ناممڪن آهي: ايڊورڊ سنوڊن جو انڪشاف

برطانيه پاڪستان ۾ فون ۽ انٽرنيٽ جي نگراني ڪندو رهيو آهي: سنوڊن سمارٽ فون کي محفوظ رکڻ ناممڪن آهي: ايڊورڊ سنوڊن جو انڪشاف

0
0

CIA

امريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي اڳوڻي ڪانٽريڪٽر ايڊورڊ سنوڊن انڪشاف ڪيو آهي ته برطانوي ڳجهو ادارو جي سي ايڇ ڪيو پاڪستان ۾ ڪميونيڪيشن ڊيٽا جي نگراني ڪندو رهيو آهي.

ماسڪو مان بي بي سي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ايڊورڊ سنوڊن چيو ته ان قسم جي ڊيٽا تائين رسائي لاءِ سي اين اي يا ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ ايڪسپلوائٽيشن جو استعمال ڪيو ويو ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپني سسڪو جي رائوٽرز کي هيڪ ڪري معلومات حاصل ڪئي وئي.

ان هوندي به دستاويز ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته پاڪستان مان ان معلومات حاصل ڪرڻ جو مقصد ڇا هو پر اها جاسوسي برطانوي حڪومت جي اجازت سان ڪئي وئي هئي ۽ ظاهري طور ان جو مقصد دهشتگردن جي سڃاڻپ ۽ نشاندهي ۾ مدد ڪرڻ هو، برطانوي حڪومت سنوڊن جي اهڙي دعويٰ تي تبصري کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ايڊورڊ سنوڊن جو چوڻ هو ته سي اين اي بنيادي طور تي ڊجيٽل جاسوسي آهي، جنهن ۾ توهان اهڙين شين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هوندا  آهيو، جيڪي اوهان جي ملڪيت نه آهن.

هن چيو ته ان حُالي سان جي سي ايڇ ڪيو ۽ اين ايس اي جهڙن ڳجهن ادارا نيٽ ورڪ سروس پروائيڊر کي ٻڌائڻ بنا ڳجهي نموني ان نيٽ ورڪس سان ڳنڍيل اهڙين اوزارن تائين مڪمل رسائي حاصل ڪري وٺندا آهن جن ۾ انهن جي دلچسپي هجي.

سنوڊن جو چوڻ هو ته جديد سمارٽ فونز کي سڪيورٽي ايجنسين جي مڪمل رسائي کان محفوظ رکڻ ڄڻ ته ناممڪن ٿي چڪو آهي ۽ اهڙي فون استعمال ڪندڙ پنهنجي معلومات کي بچائڻ لاءِ ڄڻ ته ڪجهه به نٿا ڪري سگهن.

هن دعويٰ ڪئي ته برطانوي ڳجهي اداري جي سي ايڇ ڪيو کي ايتري ته ٽيڪنالاجي حاصل آهي جو اها فون کي هيڪ ڪري وٺي ۽ مالڪ کي پنهنجي فون هيڪ ٿيڻ جي خبر به پوي.

سنوڊن جو چوڻ هو ته جي سي ايڇ ڪيو هڪ انڪرپٽڊ لکت وارو پيغام اماڻي ڪنهن به سمارٽ فون کي ان جي تصويرون ڪڍڻ يا ان تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿي ۽ ان ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ اين ايس اي توڙي جي سي ايڇ ڪيو وڏي سيڙپڪاري ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي چاهين ٿا ته اوهان بدران هو اوهان جي فون جا اصل مالڪ هجن.

ايڊورڊ سنوڊن جو چوڻ هو ته ڳجها ادارا سمارٽ فون تائين رسائي حاصل ڪن ته پوءِ فون جو مالڪ ڪال، ميسيج يا انٽرنيٽ استعمال ڪري ته سڀ کين خبر پوندي رهندي، ايتري تائين جو ان جي چرپر ۽ وائرليس نيٽ ورڪس جي خبر پئجي ويندي، جن سان اهي رابطو ڪندا.

ايڊورڊ سنوڊن 2013ع ۾ امريڪي ڳجهي اداري جي انٽرنيٽ ۽ فون ريڪارڊ جي نگراني ڪرڻ وارو راز فاش ڪيو هو، جنهن بعد کيس امريڪا ڇڏڻو پيو ۽ هاڻي هو روس ۾ جلاوطن آهي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *