سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير علي نواز شاهه ۽ سندس ساٿين جي سزا خلاف ۽ نيب جي سزا وڌائڻ لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي
0
0
سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير علي نواز شاهه ۽ سندس ساٿين جي سزا خلاف ۽ نيب جي سزا وڌائڻ لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ اڳوڻي صوبائي وزير علي نواز شاهه ۽ خادم علي شيخ سميت ٽن ڄڻن جي سزا خلاف اپيل ۽ کين ٻڌايل سزا ۾ واڌ لاءِ نيب جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
اڳوڻي صوبائي وزير علي شاهه ۽ ساٿين پاران داخل ڪرايل اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته کين احتساب عدالت پاران ٻڌايل سزا غلط آهي، جيڪا رد ڪئي وڃي.
نيب پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪرپشن ڪيس ۾ علي نواز شاهه ۽ سندس ساٿين کي ڏنل سزا تمام گهٽ آهي، جنهن ڪري ان ۾ واڌ ڪئي وڃي.
عدالت ٻنهي درخواستن تي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
Related posts:
- سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي
- سنڌ هاءِ ڪورٽ وي آءِ پي موومينٽ دوران روڊ بند ڪرڻ خلاف درخواستن تي گڏيل ٻڌڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
- سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي سميت مختلف ضلعن ۾ تڪبندين خلاف درخواستن تي گڏيل طور ٻڌڻي جو فيصلو
- اڳوڻي صوبائي وزير وزير علي نواز شاهه، خادم علي شاهه ۽ امتياز شاهه جي گرفتاري سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ۾ چئلينج