Home سنڌ سيڪريٽري تعليم نوابشاهه مان آيل ٻن استادن کي پنهنجي آفيس ۾ بند ڪري ڇڏيو
0

سيڪريٽري تعليم نوابشاهه مان آيل ٻن استادن کي پنهنجي آفيس ۾ بند ڪري ڇڏيو

0
0

fazalallah08-9

نوابشاهه ضلعي جي ٻن استادن کي سيڪريٽري تعليم جي آفيس ۾ چئن ڪلاڪن تائين بند ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو، ڪوريج تي ڪي ٽي اين نيوز جي ڪئميرامين رشيد  چانڊيو مٿان اهلڪارن تشدد ڪري ڪئميرا ٽوڙي ڇڏي، ٻنهي استادن جي حق ۾ نوابشاهه ۽ قاضي احمد ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

قاضي احمد تعلقي جَي پ ٽ الف صدر علي اصغر ڏاهري ۽ شهمير ٻگهيو کي سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو جي آفيس ۾ چئن ڪلاڪن تائين بند ڪرڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو.

استادن ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهلڪارن کين ڊوڙائي ڊوڙائي سوگهو ڪري ڪمري اندر بند ڪري ڇڏيو.

سيڪريٽري تعليم جي آفيس ۾ بند ڪيل استادن ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته

سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو ملاقات لاءِ گهرايل نوابشاهه ضلعي جي ٻن استادن کي آفيس ۾ بند ڪري اينٽي ڪرپشن کي گهرائي ورتو، فضل الله پيچوهو چيو آهي ته ٻئي استاد اينٽي ڪرپشن کي گهربل هئا، استاد هجڻ سان ڪنهن کي ڏوهن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

ڪراچي: سيڪريٽري تعليم ملاقات لاءِ آيل ٻن استادن کي ويهاري ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن پوليس طلب

اسان کي ڳالهين جو چئي گهرايو ويو، هاڻي وڃڻ نٿو ڏنو وڃي: استاد شهمير ٻگهيو ۽ علي احمد ڏاهري

استاد هجڻ سان ڪنهن کي ڏوهن جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي: سيڪريٽري تعليم

ٻئي استاد اينٽي ڪرپشن کي گهربل هئا: سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو

پي ٽي الف ضلعي شهيد بينظير آباد جا ڪراچي ۾ 2 استاد گرفتار ڪرڻ تي سيڪريٽري تعليم خلاف مين پرائمري اسڪول کان احتجاجي جلوس ڪڍي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو

ڊويزنل صدر اشرف بروهي، غلام نبي ڪيريو ۽ ارباب علي پرهياڙ جي اڳواڻيءَ ڌرڻو هنيو ويو

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *