سنڌ پوليس محرم الحرام دوران ڪراچي ۾ جلوسن ۽ مجلس جي سيڪيورٽي لاءِ اثرائتا اپاءُ ورتا آهن: آءِ جي سنڌ
سنڌ پوليس محرم الحرام دوران ڪراچي ۾ جلوسن ۽ مجلس جي سيڪيورٽي لاءِ اثرائتا اپاءُ ورتا آهن، جڏهن ته آءِ جي سنڌ پوليس جي سمورن شعبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ڪراچي ۾ محرم دوران مجموعي طور 4 هزار951 هنڌن تي مجلسون ٿينديون ۽ 959 جلوس نڪرندا، جن جي سيڪيورٽي لاءِ 17 هزار کان وڌيڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.
آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته موجود وسيلن ۽ افرادي قوت کي استعمال ڪندي سيڪورٽي جي انتظامن کي اثرائتو بڻايو وڃي ۽ انٽيليجنس ادارن سان به رابطا وڌايا وڃن.
آءِ سنڌ ،پوليس کي اها به هدايت ڪئي آهي ته محرم الحرام دوران شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي.
آءِ جي سنڌ مجلسن وارن هنڌن تي ايليٽ فورس ۽ ريپڊ ريسپانس فورس جي مقرري سميت جلوسن ۽ انهن جي ڀر وارن علائقن ۾ ڪمانڊوز جي مقرري جون به هدايتون ڏنيون آهن.
Related posts:
- محرم الحرام ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن: آءِ جي سنڌ ڪليم امام
- سنڌ حڪومت پاران محرم الحرام دوران مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي فول پروف سڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو فيصلو
- ڪراچي پوليس محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ سڪيورٽي پلان تيار
- ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ ڇهين محرم الحرام تي ماتمي جلوسن ۽ مجلسن جو سلسلو جاري