ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت لياري گينگ وار جي جوابدار شاهد بڪڪ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا
0
0
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت غيرقانوني هٿيار اچڻ ۽ پوليس مقابلي واري ڪيس ۾ لياري گينگ وار جي جوابدار شاهد بڪڪ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن،شاهد بڪڪ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رشيد گوڊيل تي حملي واري ڪيس ۾ به نامزد آهي.
غير قانوني هٿيار هٿ اچڻ ۽ پوليس مقابلي واري ڪيس جي اي ٽي سي ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدار شاهد بڪڪ پيش نه ٿيو.
پيش نه ٿيڻ تي ڪراچي جي دهشتگردي توڙ عدالت جوابدار شاهد بڪڪ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
جوابدار شاهد بڪڪ رشيد گوڊيل تي حملي ڪيس ۾ به نامزد آهي ۽ هو ضمانت تي آزاد ٿيل آهي.
Related posts:
- ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس مقابلن، ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار رکڻ واري الزام هيٺ جوابدار شاهد بڪڪ جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري
- ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ واري ڪيس ۾ جوابدار شاهد بڪڪ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري
- ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ زهره شاهد قتل ڪيس سينٽرل جيل ۾ هلائڻ جو فيصلو، سماجي اڳواڻ سبين محمود جي قتل ڪيس ۾ جوابدار علي رحمان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري
- دهشتگردي ٽوڙ عدالت زهريٰ شاهد قتل ڪيس ۾ چئن جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا