Home سنڌ ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو،قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪاررواين دوران هڪ زخمي سميت 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو
0

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو،قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪاررواين دوران هڪ زخمي سميت 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

0
0

KARACHI-rangras07-9

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪاررواين دوران هڪ زخمي سميت 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪورنگي جي ضياءُ ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهر ٻاهران ستل هڪ ڄڻو مارجي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پلاٽ جي مالڪيءَ تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڪورنگي جي علائقي عوامي ڪالونيءَ ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب پڪڙيل ڏوهاري اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث آهي، مٿس ڪيترن ئي ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن.

لياري جي سلاٽر هائوس ڀرسان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري گينگوار جي چئن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب ڪارروائي دوران گرفتار ٿيل جوابدارن جو شيراز ڪامريڊ گروپ سان تعلق آهي، جن مٿان مختلف ٿاڻن تي اغوا ۽ قتل جا ڪيس داخل آهن.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *