سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻي جي هدايت تي اينٽي ڪرپشن ٽيم چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس آفيس تي ڇاپو
0
0
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻي جي هدايت تي اينٽي ڪرپشن ٽيم چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد عملي کان پڇا ڳاڇا ڪئي آهي.
اينٽي ڪرپشن ٽيم اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ذاڪر سمون جي اڳواڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس آفيس تي ڇاپو هنيو.
ڇاپي دوران دوائن، سميت ٻين ڪمن توڙي ملازمن جي حاضري واري رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي، ان دوران ملازمن ۽ مريضن کان به معلومات ورتي وئي.
ٽيم جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ذاڪر سمون جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي چانڊڪا اسپتال ۾ دوائن، علاج ۽ مريضن کي سهولتن بابت انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا مڪمل ٿيڻ بعد رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي…………………..
Related posts:
- نوشهرو فيروز ۾ اينٽي ڪرپشن سول اسپتال جي ايم ايس آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو
- اينٽي ڪرپشن ٽيم نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي ايم ايس آفيس تي ڇاپو
- سکر جي اينٽي ڪرپشن ٽيم گهوٽڪي جي تعلقي اسپتال تي ڇاپو
- خيرپور ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم خوراڪ کاتي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اسسٽنٽ فوڊ ڪنٽرولر کي گرفتار ڪري ورتو