Home سنڌ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي پيش ٿيڻ جو حڪم
0

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي پيش ٿيڻ جو حڪم

0
0

ATC-karachi-21-8

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جوابدارن ناصر لوڌي، عمر گهوگهي ۽ محمد علي عرف ماما خلاف ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار رکڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ڌرين جا بيان ٻڌڻ کانپوءِ ٽنهي جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي شاهدن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي.

جوابدارن کي عيد گاهه ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو هو، سندن تعلق هڪ سياسي جماعت سان ٻڌايو پيو وڃي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *