Home سنڌ سکر مان بازياب ڪرايل ٻن نارين ۽ هڪ نينگري کي ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو
0

سکر مان بازياب ڪرايل ٻن نارين ۽ هڪ نينگري کي ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

0
0

karachi-narion

سکر مان بازياب ڪرايل ٻن نارين ۽ هڪ نينگري کي ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ناري صبرين، نصرت ۽ نگينا جو بيان ٻڌڻ بعد کين وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت سکر پوليس هٿان گرفتار ڪيل ٻن جوابدارن کي 26 آڪٽوبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڏنو آهي.

سکر جي سائيٽ ٿاڻي جي پوليس پاران بازياب ڪرايل ناري صبرين، نصرت ۽ نينگري نگينه کي ڪراچي جي عزيز آباد ٿاڻي جي پوليس جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عزيز آباد ٿاڻي عدالت کي ٻڌايو ته نينگري کي 2 مهينا اڳ ڪراچي مان اغوا ڪيو ويو، جن کي سکر ماب بازياب ڪرايو ويو.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته نارين جي اغوا ڪيس  جوابدار نياز ۽ صدام حسين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي سکر پوليس وٽ آهن.

عدالت نارين جو بيان ٻڌڻ بعد کين وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سکر پوليس گرفتار ڪيل جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………………..

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *