Home سنڌ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
0

پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

0
0

imran-ismail-pti

 پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل نواز ليگ اڳواڻ دانيال عزيز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، عمران اسماعيل چيو آهي ته دانيال عزيز ٽي وي شو دوران زبان ڪٽڻ جي ڌمڪي ڏني پر درخشان پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

عمران اسماعيل سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته دانيال عزيز ٽي وي شو دوران ڌمڪي ڏيندي چيو ته سندس وقت پورو ٿي چڪو آهي.

عمران اسماعيل درخواست ۾ اهو به ڄاڻايو  آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخشان پوليس سان رابطو ڪيو پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته دانيال عزيز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ  جو حڪم ڏنو وڃي.

درخواست داخل ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو ته مڪاني چونڊن لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ چونڊن ۾ ڪاميابي   ماڻي ڪراچي جو منظر نامو تبديل ڪري ڇڏينداسين.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *