اليڪشن ڪميشن،سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا
اليڪشن ڪميشن،سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سنڌ جي اٺن ضلعن ۾ پهرين مرحلي لاءِ 10هزار 87 اميدوار چونڊ وڙهندا، جڏهن ته 707 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي اٺن ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 10هزار 87 اميدوار چونڊ وڙهندا.
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ اٺن ئي ضلعن ۾ پهرين مرحلي لاءِ 15 هزار 784 اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جن مان هڪ هزار 311 رد ڪيا ويا.
اليڪشن ڪميشن موجب، 8 ضلعن مان 707 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن، جن ۾ سکر ۾ 39، خيرپور 53، گهوٽڪي 189، جيڪب آباد 128،ڪشمور 118، قمبر 50، لاڙڪاڻو 38 ۽ شڪارپور ضلعي ۾ 93 اميدوار شامل آهن.
واضح رهي ته سنڌ جي اٺن ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ 31 آڪٽوبر تي پولنگ ٿيندي، جنهن لاءِ پولنگ اسٽيشنز تي سامان پهچائڻ وارو سلسلو جاري آهي…………………..
Related posts:
- اليڪشن ڪميشن،سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا
- اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ 4 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز قائم ڪري ڇڏيون
- سنڌ جي 8 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري،پهرين مرحلي وارين چونڊن ۾ 10 هزار 87 اميدوار ميدان ۾ لٿل
- سنڌ جي 8 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ چونڊ سڀاڻي ٿي رهي