روس جو مسافر جهاز قاهره کان سنيٽ پيٽرسبرگ ويندي سنائي واري علائقي ۾ ڪري تباهه
0
0
روس جو مسافر جهاز مصر جي ٻيٽ نما سينائي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جهاز ۾ عملي جي 7 ڄڻن سميت 224 مسافر سوار هئا.
روسي سول ايوي ايشن موجب ايئر بس اي 321 جو مصري سياحتي شهر شرم الشيخ مان اڏام جي 23 منٽن کانپوءِ رابطو ڪٽجي ويو ۽ جهاز ريڊار تان غائب ٿي ويو.
جهاز جو رابطو ڪٽجڻ بعد شروع ۾ متضاد خبرون اچڻ لڳيون، پهرين جهاز جي تباهه ٿيڻ جي خبر ڏني وئي پر مصري هوابازي جي سربراهه پاران بيان جاري ڪيو ويو ته جهاز ريڊار تان گم ضرور ٿيو هو پر بعد ۾ ان جو ترڪش ايئر لائن سان رابطو بحال ٿي ويو آهي.
پر ڪجهه گهڙين کانپوءِ مصري وزيراعظم جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ روسي جهاز جي ڪري تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ويو ته حادثي کانپوءِ امدادي ڪارروائين لاءِ ڪابينا سطح جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
جهاز ۾ 217 مسافر ۽ عملي جا 7 ڄڻا سوار هئا، مسافرن ۾ اڪثريت روسي سياحن جي هئي.
Related posts:
- مصر جي اسڪندريا کان قاهره ويندڙ مسافر بردار جهاز کي هڪ هٿياربند پاران هاءِ جيڪ ڪيو ويو آهي، جهاز ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 55 مسافر سوار هئا
- انڊونيشيا ۾ خانگي ايئرلائين لوئن ايئر جو هڪ مسافر جهاز سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو
- قاهره کان بيجنگ ويندڙ مصري هوائي جهاز ۾ بم جي ڪوڙي اطلاع تي جهاز کي ازبڪستان ۾ هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي
- تائيوان جي راڄڌاني تائيپي ۾ مسافر جهاز درياهه ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، 3 مسافر فوت، 17 مسافرن کي بچايو ويو