Home سنڌ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي جهانگير پارڪ تان هڪ هفتي اندر قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
0

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي جهانگير پارڪ تان هڪ هفتي اندر قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
0

Sindh High CCourt

سنڌ هاءِ ڪورٽ جهانگير پارڪ تان قبضن جي خاتمي واري رپورٽ رد ڪندي ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي کي هڪ هفتي اندر قبضا ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ جهانگير پارڪ تي ناجائز قبضن بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عطاءُ الله شاهه بخاري پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صدر واري علائقي ۾ قائم جهانگير پارڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي، جنهن ۾ قائد اعظم پبلڪ گڏجاڻين کي خطاب ڪيو پر هاڻي ان ۾ ناجائز اڏاوتون قائم ڪيون ويون آهن.

ٻڌڻي دوران ڪي ايم سي طرفان حد دخليون هٽائڻ جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وئي، جيڪا عدالت رد ڪندي ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي کي 7 ڏينهن اندر قبضا هٽائڻ واري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *