سنڌ ۾ مڪاني چونڊ ۾ ٻئي مرحلي ۾ 15 هزار 208 اميدوار ميدان ۾ لٿل
سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي 19 نومبر تي ٿيندڙ ٻئي مرحلي ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنز جي 15 ضلعن جي 486 ڪائونسلز تي چونڊ ٿيندي، جن لاءِ 15 هزار 208 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته11 سئو 34 اميدوار اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.
حيدرآباد ڊويزن جي 495 ڪائونسلز ۾ 440 چيئرمين، 440 وائيس چيئرمين، 176 جنرل ڪائونسلرز، 334 ضلعي ڪائونسل ميمبرز، 269 ٽائون ڪميٽين جي ميمبرز ۽ 208 ميونسپل ڪميٽي جي ميمبرز جي سڌيءَ ريت چونڊ ٿيندي.
حيدرآباد ڊويزن ۾ اڻ سڌيءَ ريت 880 عورت، 440 پورهيت، 440 نوجوان ۽ 440 اقليتي ميمبرز جي چونڊ ڪئي ويندي، جڏهن ته 495 ڪائونسلز ۾ 3 هزار 461 ميمبرز جي سڌيءَ ريت ۽ 22 سئو ميمبرز جي اڻ سڌي ريت چونڊ ٿيندي.
شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ٽن ضلعن جي 216 ڪائونسلز ۾ 15 سئو 72 ميمبرن جي سڌيءَ ريت ۽ 960 ميمبرز جي اڻ سڌي ريت چونڊ ٿيندي.
ميرپورخاص ڊويزن جي 175 ڪائونسلز ۾ 12 سئو 82 ميمبرز جي سڌيءَ ريت ۽ 875 ميمبرن جي اڻ سڌيءَ ريت چونڊ ٿيندي.
مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 15 ضلعن ۾ 78 لک 91 هزار 110 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا، جن ۾ 42 لک 61 هزار 254 مرد ۽ 36 لک، 29 هزار، 851 عورت ووٽرز شامل آهن.
اليڪشن ڪميشن طرفان ڄاڻايل ضلعن ۾ 7 هزار 192 پولنگ اسٽيشنز ۽ 20 هزار 832 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويندا، جتي 67 هزار 498 پولنگ عملو مقرر ڪيو ويندو.
Related posts:
- سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي 8 ضلعن جي 2 هزار 333 سيٽن تي 10 هزار 87 اميدوار ميدان ۾
- مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ سنڌ جي 15 ضلعن ۾ 15 هزار 208 کان وڌيڪ اميدوار ميدان تي لٿل آهن، اليڪشن ڪميشن جو اڄ حيدرآباد ۾ اجلاس ٿي رهيو
- سنڌ جي 8 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري،پهرين مرحلي وارين چونڊن ۾ 10 هزار 87 اميدوار ميدان ۾ لٿل
- خيرپور ناٿن شاهه جي تڪ پي ايس 76 تي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ 15 اميدوار ميدان تي لٿل