0
0
ڪراچي ۾ جي ايس ٽي استادن 11 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف اين جي وي اسڪول سامهون ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ايم اي جناح روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
اين ٽي ايس پاس جي ايس ٽي استادن پگهارون نه ملڻ خلاف اين جي وي اسڪول سامهون احتجاجي ڌرڻو هنيو.
وڏي انگ ۾ ميل ۽ في ميل ٽيچرز پگهارون نه ملڻ تي آر ايس يو ايم پروجيڪٽ جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
استادن جي ڌرڻي سبب ايم اي جناح روڊ تي به ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن سبب شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته گذريل 11 مهينن کان پگهارون جاري نه ڪيون ويون آهن، جنهن سبب هــُو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
Related posts:
- دادو ۾ استادن چئن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي
- خيرپور ۽ ڄامشوري ۾ اڌر ڪيڊرز ۾ ڀرتي ڪيل استادن ۽ تعليم کاتي جي ٻن ملازمن گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا
- خيرپور ۾ 36 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف استادن سيشن ڪورٽ آڏو قران پاڪ جو ورد ڪري انوکو احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪئي
- ڪراچي ۾ ڊي ايم سي پاران چئن مهينن کان پگهارون جاري نه ڪرڻ خلاف عورت ٽيچرز احتجاجن شاهراهه فيصل تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي