سپريم ڪورٽ سانگهڙ ضلعي جي 14 ڊاڪٽرياڻين کي هفتي اندر6 مهينن جون پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
0
0
سپريم ڪورٽ سانگهڙ ضلعي جي 14 ڊاڪٽرياڻين کي هفتي اندر6 مهينن جون پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ 14 ليڊي ڊاڪٽرز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ليڊي ڊاڪٽرز درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته کين 2009ع ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويو ۽ بعد ۾ کين پڪو ڪيو ويو پر 6 مهينن کان سندن پگهارون بند آهن.
عدالت ڊاڪٽر امينا، ڊاڪٽرز زرينا ۽ ٻين جي درخواست تي کين هفتي اندر پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
Related posts:
- ڪراچي جي جناح اسپتال جي ينگ ڊاڪٽرز جو 6 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ به احتجاج جاري
- سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جي 80 هزار ملازمن کي ٻن ڏينهن اندر پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
- ڊگهڙي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪز پاران گذريل چئن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
- ٽنڊو محمد خان ۾ ٽن مهينن جون پگهارون جاري نه ڪرڻ تي ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران بئنڪ انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو