ٺٽي ضلعي ۾ سياسي صورتحال چڱي ناهي، ڊسٽرڪٽ ريٽرنگ آفيسر مڪاني چونڊن دوران ضلعي ۾ فوج مقرر ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ اعليٰ اختيارين کي درخواست ڏئي ڇڏي، دادو ضلعي ۾ سڪيورٽي انتظام سنڀالڻ لاءِ رينجرز جا 126 اهلڪار پهچي ويا.
ٺٽي ضلعي ۾ مڪاني چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ لاءِ ڊي آر او پاران اليڪشن ڪميشن ۽ اعليٰ اختيارين کي درخواست اماڻي وئي آهي ۽ دادو ضلعي ۾ سڪيورٽي انتظام سنڀالڻ لاءِ رينجرز جا 126 اهلڪار پهچي ويا آهن.
مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران ٺٽي ضلعي ۾ فوج مقرر ڪرڻ لاءِ ڊي آر او پاران اليڪشن ڪميشن ۽ اعليٰ اختيارين کي درخواست اماڻي وئي آهي.
ڊي آر او نديم الدين ميمڻ جو چوڻ آهي ته ضلعي اندر 306 پولنگ اسٽينشنز مان 70 حساس ۽ 171 پولنگ اسٽينشنز انتهائي حساس آهن، جتي فوج مقرر ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي وئي آهي.
ايس ايس پي ٺٽو فدا حسين مستوئي جو چوڻ آهي ته حساس پولنگ اسٽيشنز وارن علائقن ۾ اڄ کان هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن دادو ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران سڪيورٽي انتظام سنڀالڻ لاءِ رينجرز جا 126 اهلڪار پهچي ويا آهن……………………….
Related posts:
- اليڪشن ڪميشن، ٻوڏ جي صورتحال سبب سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت وڌيڪ وقت لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي
- اليڪشن ڪميشن حيدرآباد ضلعي جي ملتوي ڪيل مڪاني چونڊن جو نئون شيڊيول جاري
- اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي دوران سڪيورٽي صورتحال تي نظر رکڻ جو فيصلو
- اليڪشن ڪميشن، ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت وڌائڻ بابت سياسي پارٽين جا مطالبا رد ڪري ڇڏيا