Home بين الاقوامي پاڪستان آمريڪا، برطانيا، روس، جرمني، ترڪي، ڪئنيڊا ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران پئرس ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت
0

پاڪستان آمريڪا، برطانيا، روس، جرمني، ترڪي، ڪئنيڊا ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران پئرس ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت

0
0

perse-14-11

پاڪستان آمريڪا، برطانيا، روس، جرمني، ترڪي، ڪئنيڊا جي سربراهن ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون پاران پئرس ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي فرانس کي جاچ ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي آهي، وزيراعظم ميان نوازشريف چيو آهي ته ڏک جي گهڙي ۾ پاڪستاني عوام فرانس سان گڏ آهي.

آمريڪي صدر براڪ اوباما، برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪئمرون، روسي صدر ولاديمير پيوٽن، جرمن چانسلر اينجلا مرڪيل، ڪئنيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊيو، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون پئرس ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي.

وزيراعظم ميان نوازشريف واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ڏک جي گهڙي ۾ فرانسيسي عوام سان گڏ آهي.

صدر براڪ اوباما مختصر ميڊيا بريفنگ دوران چيو ته پئرس ۾ فرانس نه انسانيت تي حملو ڪيو ويو، دهشتگرد اهڙين ڪاررواين سان انسانيت کي هيسائي نه ٿا سگهن.

برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪئمرون به ٽوئٽ ڪندي واقعي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته فرانس جي سرڪار کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، برطانوي عوام ڏک جي گهڙي ۾ فرانس سان گڏ آهي.

روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ جرمن چانسلر اينجلا مرڪيل به واقعي جي مذمت ڪندي متاثرن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

آمريڪا، برطانيا، روس ۽ ڪئنيڊا پاران فرانس کي جاچ ۾ سهڪار جي آڇ به ڪئي وئي آهي.

آمريڪي ريپبليڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار بين ڪارسن بش واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته هن وقت به ڪي ڌريون انسانن جي رت وهائي پنهنجا نظريا مڙهڻ چاهين ٿيون، اهڙن بنياد پرستن جو خاتمو لازمي آهي.

فلوريڊا ۾ ميڊيا  بريفنگ دوران کانئس پڇيو ويو ته اوهان صدر چونڊجي آيا ته پاليسي ڪهڙي هوندي، ڪارسن بش چيو ته هو اتحادين سان گڏجي اهڙين ڌين جو خاتمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.