سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري آهن، عمرڪوٽ ۽ گولاڙچي جي سرڪاري اسپتالن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو
سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري آهن، عمرڪوٽ ۽ گولاڙچي جي سرڪاري اسپتالن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو، جڏهن ته قمبر مان ايگريڪلچر جي اڪائونٽنٽ آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
اينٽي ڪرپشن ٽيم عمرڪوٽ جي سول اسپتال تي ڇاپو هڻي دوائن جي خريداري ۽ اسپتال جي بجيٽ وارو گذريل ٻن سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي ٽيم گولاڙچي جي تعلقي اسپتال تي ڇاپو هڻي عملي ۽ مريضن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ کانپوءِ گذريل 5 سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر علي اڪبر حبيباڻي جو چوڻ هو ته اسپتال لاءِ خريد ڪيل دوائن ۽ بجيٽ بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
قمبر ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ايگريڪلچر آفيس تي ڇاپو هڻي اڪائونٽنٽ مظهر سومرو کي گرفتار ڪري ورتو.
عمران جو چوڻ آهي ته اڪائونٽنٽ تي ليکين رپيا خرد برد ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن جي جاچ لاءِ کيس حراست ۾ ورتو ويو آهي…………………
Related posts:
- سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري، نارو ۾ ٽائون ڪميٽي ۽ صحت مرڪز تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو
- سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري ، ڄامشوري جي لمس اسپتال ۽ گهوٽڪي جي پاپوليشن کاتي جي آفيس تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو
- سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري آهن، ٽنڊي الهيار جي سول اسپتال، ڊي ايڇ او آفيس ۽ سانگهڙ جي ڊسٽرڪٽ جيل تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو
- اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي ٽيم خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ جي سرڪاري اسپتالن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو