0
0
هوا ۾ اڏامڻ، موسيقي تي جهومڻ، کائڻ پيئڻ موج ۽ مستي هي آهي، ميڪسيڪو جو ساليانو انٽرنيشنل هاٽ ايئر بيلون فيسٽيول.
ميڪسيڪو جي ليون شهر ۾ چئن ڏينهن تائين جاري رهندڙ هاٽ بيلون ميلي دوران آسمان تي رنگ برنگي ڦوڪڻن سان سجيل نظر اچي رهيو آهي، هر طرف مرڪون ۽ هرڪو مستي سان ڀرپور آهي.
ڪجهه ڦوڪڻن تي مختلف اشتهار لڳل آهن ته ڪجهه وري فلمن ۽ جي مشهور ڪردارن سان سجيل آهن.
فيسٽيول جي ڊائريڪٽر سينڊرا ســِلم شريڪ ماڻهن جو چوڻ هو ته بيلون فيسٽيول ميڪسيڪو جو اصل اهڃاڻ آهي، جيڪو امن جو پيغام آڻي ٿو.
ميڪسيڪو ۾ 1842ع ۾ پهريون ڀيرو گئانجاتو کان ريو وارڊي تائين هاٽ ايئر بيلون اڏايو ويو هو، 2002ع ۾ فيسٽيول دوران 27 ڦوڪڻا اڏايا ويا پر هيل انهن جو انگ 200 آهي.