Home سنڌ سيٺارجا ڀرسان هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فنڪشنل ليگ جي مقامي اڳواڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
0

سيٺارجا ڀرسان هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فنڪشنل ليگ جي مقامي اڳواڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

0
0

setharaja

سيٺارجا ڀرسان هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فنڪشنل ليگ جي مقامي اڳواڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

ڳوٺ شاهمراد ۾ هٿيار بندن رات دير سان گهر ۾ داخل ٿي فنڪشنل ليگ جي مقامي اڳواڻ شاهمراد بروهي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي ٺري ميرواهه اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شاهمراد بروهي ٺري ميرواهه جي يوسي سوڍڙو جو هارايل اميدوار هو، جنهن کي 4 کان 5 هٿيار بندن گهر ۾ گهڙي قتل ڪيو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، معاملي جي  جاچ ڪري جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي…………………..

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *