Home سنڌ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن دوران 4 اميدوارن جا چونڊ نشان تبديل ۽ غائب،احتجاج، جھڙو، 3 ڄڻا زخمي، چونڊ ملتوي

حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن دوران 4 اميدوارن جا چونڊ نشان تبديل ۽ غائب،احتجاج، جھڙو، 3 ڄڻا زخمي، چونڊ ملتوي

0
0

hyderabad-19-11

حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن  اميدوارن جا  چونڊ نشان تبديل  ۽ غائب هئڻ سبب   هڪ يوسي ، هڪ يونين ڪميٽي ۽ هڪ وارڊ تي چونڊ ملتوي ڪئي وئي،  جڏهن ته حسين  آباد  ۾    ٻن گروپن ۾ جهيڙي  جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته رينجرز آزاد اميدوار سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو، جن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو.

ميونسپل ڪميٽي حيدرآباد جي يونين ڪميٽي  53 حسين آباد  تي تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار راهب ڏنو سولنگي کي ويلڻ بدران ڪڪڙ چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويو، جنهن خلاف سندس حامين احتجاج ڪيو، جنهن دوران عورتون به وڏي انگ ۾ ٻاهر نڪري آيون.

آزاد اميدوار ۽ مخالف اميدوار جي حامين وچ  ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن کانپوءِ  رينجرز هوائي  فائرنگ ڪري آزاد اميدوار راهب ڏنو سولنگي سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو،جن کي سندن حامين جي احتجاج بعد آزاد ڪيو ويو.

ٻن گروپن ۾ ڇڪتاڻ بعد آر او عطاءُ الله نهڙي حسين آباد جي يونين ڪميٽي 53تي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن جو چوڻ آهي ته جاني نقصان جي خدشي سبب چونڊ ملتوي ڪئي آهي.

قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 10 تي  ٻن آزاد اميدوارن جا چونڊ نشان تبديل ٿيڻ سبب چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن.

 آزاد اميدوار محمد حسين کي ٻڪري بدران پريشر ڪڪر ۽ افروز شورو کي ڪڪڙ بدران ٻڪري نشان ڏنو ويو آهي.

حيدرآباد جي يوسي پريٽ آباد تي به جي يوپي جي اميدوار زاهد آرائين کي غلط نشان الاٽ ٿيڻ تي چونڊ ملتوي ڪئي وئي.
حيدرآباد جي يوسي 87 هزارن ڪالوني ۾ ڪائونسلر لاءِ  پ پ اميدوار اسماعيل بنگش جو چونڊ نشان بيلٽ پيپر مان غائب هئڻ سبب ووٽنگ جو عمل رڪيل آهي.
 
 

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *