Home سنڌ ٽنڊي الهيار جي يوسي دريا خان مري جي چئني پولنگ اسٽيشنز تان پي ٽي آءِ اميدوارن چونڊ عمل جو بائيڪاٽ،احتجاج

ٽنڊي الهيار جي يوسي دريا خان مري جي چئني پولنگ اسٽيشنز تان پي ٽي آءِ اميدوارن چونڊ عمل جو بائيڪاٽ،احتجاج

0
0

BD-elecation2015

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، مختلف شهرن ۾ پولنگ اسٽيشنز تي بدنظمي جا واقعا پيش آيا آهن.

ٽنڊي الهيار جي يوسي دريا خان مري جي چئني پولنگ اسٽيشنز تان پي ٽي آءِ اميدوارن چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو آهي.

پي ٽي آءِ اميدوار ايڊووڪيٽ علي پل الزام هڻندي چيو آهي ته پ پ اميدوار غلام قادر مري ۽ ٻين سندن ايجنٽن کان پولنگ اسٽيشنز مان ٻاهر ڪڍي ڌانڌلي ڪئي آهي، جنهن سبب چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.

ڇاڇري تعلقي جي يوسي ڏاهلي جي جي 5 پولنگ اسٽيشنز تي عملو نه پهچڻ ڪري پولنگ عمل شروع نه ٿيو، اليڪشن ڪميشن جي مانيٽرنگ سيل معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آراو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

فنڪشنل ليگ اميدوارن الزام هنيو آهي ته مخالف ڌر پاران 5 پولنگ اسٽيشنز تان عملي ۽ ايجنٽن کي اغوا ڪيو ويو آهي.

ڏيپلي جي يوسي ڦانٽ جي  ڀونگر خان، جاڳڻ لنڊ ۽ حاجي ڀوت پولنگ اسٽيشنز تي ٻين يوسيز جا بيلٽ پيپرز اماڻيا ويا، جنهن سبب پولنگ وارو عمل بند آهي.

بدين جي پولنگ اسٽيشن ولي محمد جمالي ۾ ليڊيز عملو نه پهچي سگهيو آهي، جڏهن ته پنگرئَي ۾ 2 پولنگ اسٽيشنز تي عملي ۽ فرنيچر جي کوٽ سبب پولنگ وارو عمل شروع نه ٿي سگهيو.

بدين جي ئي يوسي ٻيڊني جي عبدالحق ملاح پولنگ اسٽيشن تي اسٽيشنري جي کوٽ ۽ پولنگ اسٽيشن ملوڪ راهمون تي آزاد اميدوار جو چونڊ نشان نه هئڻ ڪري پولنگ وارو عمل شروع نه ٿي سگهيو آهي.

نوشهري فيروز ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 8 جي هاءِ اسڪول پولنگ اسٽيشن تي عملي جي کوٽ سبب اميدوارن جون قطارون لڳل آهن.

ميهڙ جي يوسي پوراچو جي پپري پولنگ اسٽيشن تي پ پ ۽ عوامي اتحاد جي اميدوارن وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب پولنگ عمل روڪيو ويو آهي.

دادو جي يوسي امير البحر تي اليڪشن ڪميشن طرفان بيلٽ پيپرز ئي نه پهچايا ويا آهن، جنهن سبب پولنگ جو عمل توڙي ووٽرز پريشان آهن.

سنڌڙي جي پولنگ اسٽيشن دين محمد جوڻيجو ون ۽ ٽو سميت 4 پولنگز تي عملو ئي نه پهچي سگهيو آهي، ووٽنگ شروع ناهي ٿي سگهي.

گولاڙچي شهر جون 8 پولنگ اسٽيشن تبديل ٿيڻ سبب ووٽرز سخت پريشانيءَ جو شڪار آهن.

ڪراچي جي اليڪشن مانيٽرنگ سيل عمرڪوٽ جي يوسي سيڪڙو جي مختلف پولنگ اسٽيشنز تان بيلٽ پيپرز چوري ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي آر اوز کان معاملي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *