غريب ڪٽنبن جي 5 کان 12 سالن واري ڄمار جي تعليم پرائيندڙ ٻارن کي به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وظيفو ڏنو ويندو: صدر ممنون حسين
مستحق عورتن کانپوءِ غريب ڪٽنبن جي 5 کان 12 سالن واري ڄمار جي تعليم پرائيندڙ ٻارن کي به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وظيفو ڏنو ويندو: صدر ممنون حسين مڪلي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ وسيلاءِ تعليم پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.
صدر ممنون حسين مڪلي جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ تقريب دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وسيلاءِ تعليم پروگرام جو افتتاح ڪيو، ان دوران مستحق عورتن ۾ ڪارڊ تقسيم ڪيا ويا.
تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته وسيلاءِ تعليم پروگرام تحت 5 کان 12 ورهين جي ٻارڙن کي ماهوار اڍائي سئو رپيا وظيفو ڏنو ويندو.
صدر ممنون حسين چيو ته ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ حڪومت بينظير انڪم سپورٽ ۽ ٻين پروگرامن ذريعي عوام جي مدد ڪري رهي آهي.
صدر ممنون حسين وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي.
هن چيو ته ملڪ ۾ غربت، لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي اهم مسئلا آهن، ماضي ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ بد عنوانين سبب ملڪي خزاني ۽ معاشي ترقي کي نقصان رسيو.
صدر ممنون حسين چيو ته لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ وفاقي سرڪار مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، 2018ع تائين لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ٿي ويندي يا وري ان ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي اچي ويندي.
تقريب کي خطاب ڪندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن ماروي ميمڻ چيو ته وسيلاءِ تعليم پروگرام سان غربت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ٻارڙا آساني سان تعليم حاصل ڪري سگهندا.
برطانوي هاءِ ڪمشنر فلپ پائيٽن چيو ته برطانيا ۽ عالمي برادري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ سهڪار ڪري رهيا آهن، ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پاڪستان سان سهڪار جاري رکيو ويندو………………….
Related posts:
- ٺٽي۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن کي ٽڳيندڙ گروهه گرفتار، ڪيس داخل
- بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين انور بيگ عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي
- ڪجهه عرصي ۾ سڄي دنيا انڪم سپورٽ پروگرام تي فخر ڪندي، ماروي ميمڻ
- سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ٺيڪيدار کان 78 لک رپيا ڦر واري ڪيس جي ٻڌڻي