ماحوليات بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي گرين پيس ۽ ماحولياتي گدلاڻ خلاف احتجاجي ريليون
0
0
ماحوليات بابت عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي گرين پيس ۽ ماحولياتي گدلاڻ خلاف ڪم ڪندڙن ٻين تنظيمن پاران سڄي دنيا ۾ 2 هزار جي لڳ ڀڳ احتجاجي ريليز ڪڍڻ جو پروگرام رٿيو ويو هو، جنهن جو مقصد پيرس ۾ گڏ ٿيندڙ 150 عالمي اڳواڻن تي زور ڀرڻ آهي ته اهي ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ هڪ اثرائتو معاهدو ڪن ۽ ان تي عمل ڪن.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گرين هائوس گيسز جي خارج ٿيڻ تي ضابطو نه ٿيڻ ڪري گرمي پد توڙي ماحولياتي گدلاڻ وڌي رهي آهي ۽ ڌرتي کي ڏينهون ڏينهن خطرو وڌندو پيو وڃي، اسان وٽ ڪو ٻيو سيارو رهڻ نه آهي، انڪري اڳواڻن کي ڌرتي بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا.
پيرس ۾ ٿيندڙ ماحولياتي ڪانفرنس ۾ عالمي گرمي پد ۾ واڌ ۽ ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ اتفاق راءِ سان معاهدي تي پهچڻ لاءِ وڏيون اميدون ظاهر ڪيون پيون وڃن
Related posts:
- ماحوليات بابت گڏيل قومن جي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي پيرس ۾ ريلي
- سـُپريم ڪورٽ، ماحولياتي گدلاڻ ڪيس ۾ سنڌ حڪومت پاران رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ اظهار
- سپريم ڪورٽ، ماحولياتي گدلاڻ ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي
- سنڌ جي سرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني عرس ني موقعي تي اڄ عالمي ادبي ڪانفرنس ٿي رهي آهي