Home سنڌ لوڊشيڊنگ خلاف لاهور ۾ڪئمپون قائم ڪندڙ اڄ لوڊشيڊنگ ٿيڻ تي عوام کان معافي وٺن:خورشيد شاهه
0

لوڊشيڊنگ خلاف لاهور ۾ڪئمپون قائم ڪندڙ اڄ لوڊشيڊنگ ٿيڻ تي عوام کان معافي وٺن:خورشيد شاهه

0
0

khurshid-shah-543

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته سرڪار مختلف شين تي ٽيڪس لاڳو ڪري عوام لاءِ مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي، لوڊشيڊنگ خلاف لاهور ۾ڪئمپون قائم ڪندڙ اڄ لوڊشيڊنگ ٿيڻ تي عوام کان معافي وٺن.

روهڙي جي ڳوٺ پٽڻي ۾ سولر واٽر پمپ جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه جو  چوڻ هو ته وفاقي حڪومت وٽ رڳو پلان آهي، پر ان تي عملدرآمد نظر نٿو اچي.

سيد خورشيد شاهه چيو ته سرڪار مختلف شين تي نوان ٽيڪس لاڳو ڪري عوام لاءِ وڌيڪ مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو آهي.

خورشيد شاهه چيو وفاقي سرڪار کي پنجاب کانسواءِ ٻين صوبن تي به ڌيان ڏيڻ کپي، لاهور ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف ڪئمپون قائم ڪندڙ اڄ لوڊشيڊنگ ٿيڻ تي عوام کان معافي وٺن.

سيد خورشيد شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته تبديلي جا نعره هڻندڙ سڀ کان پهرين پنهجي  پاڻ ۾ تبديلي آڻين.

پنجاب ۾ مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي شڪست بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي ڊسمبر کانپوءِ پنجاب اندر باضابطا طور ميدان ۾ لهندي……………..

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *