Home سنڌ ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ جَي يو پــِي جي ميزبانيءَ هيٺ ”ڌانڌلي، ڪرپشن، دهشتگردي کان پاڪ سنڌ“ جي موضوع تي اي پي سي
0

ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ جَي يو پــِي جي ميزبانيءَ هيٺ ”ڌانڌلي، ڪرپشن، دهشتگردي کان پاڪ سنڌ“ جي موضوع تي اي پي سي

0
0

karachi-APC

ڪراچي ۾ ڪوٺايل اي پي سي مطالبو ڪيو آهي ته سياسي ۽ مذهبي جماعتن سان واسطو رکندڙ دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن ۽ دهشتگردي سماج ۾ پاڙون پختيون ڪري ورتيون آهن، هڪ طرف اينٽي ڪرپشن جون ڪارروايون جاري آهن ته ٻئي طرف وري سنڌ سرڪار پئسن عيوض ووٽ خريد ڪري رهي آهي.

ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ جَي يو پــِي جي ميزبانيءَ هيٺ ”ڌانڌلي، ڪرپشن، دهشتگردي کان پاڪ سنڌ“ جي موضوع تي اي پي سي ڪوٺائي وئي.

قومي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجَي، جاويد نوراني، ارباب رحيم، ذوالفقار مرزا، شاهي سيد، شهريار مهر، نصرت سحر عباسي، ڄام مدد علي، شفيع محمد ڄاموٽ ۽ علامه مقصود ڊومڪي سميت ٻين شرڪت ڪئي.

نواز ليگ جي سينيٽر نهال هاشمي چيو ته ايم ڪيو ايم شهرن ۽ پيپلز پارٽي ٻهراڙين تي پنهنجو اثر رسوخ چاهي ٿي، مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر ڪئي وڃي.

فنڪشنل ليگ جي ڄام مدد علي چيو ته پهرين ۽ ٻئي مرحلي جون مڪاني چونڊون رد ڪري ٻيهر فوج ۽ رينجرز جي نگراني ۾ ڪرايون وڃن.

جماعت اسلامي جي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ سئو سيڪڙو پولنگ اسٽيشنز حساس آهن، تنهنڪري پولنگ اسٽيشنز اندر ٻاهر فوج مقرر ڪئي وڃي.

هن چيو ته مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ سندن مطالبن باوجود فوج ۽ رينجرز مقرر نه ڪئي وئي، جنهن تي کين افسوس آهي.

محمد حسين محنتي چيو ته جماعت اسلامي سنڌ ورهائڻ جي مخالفت ڪري ٿي، ڪراچي صوبي جون ڳالهيون فساد پکيڙڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن.

فنڪشنل ليگ اڳواڻ شهريار مهر خطاب ڪندي چيو ته پرويز مشرف الطاف حسين کي کير پياريو پر آمريت جي وڃڻ بعد آيل جمهوري حڪومت الطاف جهڙي نانگ کي گوشت کارايو.

هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ طرف اينٽي ڪرپشن کاتو ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري پيو ته ٻئي طرف ووٽ خريد ڪري ڌانڌلي ڪئي وئي.

مجلس وحدت مسلمين جي اڳواڻ علامه مقصود ڊومڪي چيو ته سنڌ سرڪار دهشتگردي ختم ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي، اڃا تائين شڪارپور سانحي جي شهيدن جي وارثن کي انصاف ناهي ملي سگهيو.

اڳواڻي ڊپٽي اسپيڪر راحيلا ٽوانا چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم هميشه ڦرلٽ جي سياست ڪئي آهي، جن خلاف جنگ وڙهڻي پوندي.

نواز ليگ ايم پي اي شفيع محمد ڄاموٽ چيو ته دهشتگردي، ڌانڌلي ۽ ڪرپشن بابت ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا سرڪار سان لهوچڙ ۾ اچي سياسي ۽ مذهبي تنظيمن سان واڳيل دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرائي سگهي.

بلوچ اڳواڻ رئوف ساسولي چيو ته ڪراچي ۾ ڌاڙيلن جي يلغار آهي، جنهن سبب مقامي ماڻهن جا بنيادي حق غصب ٿي رهيا آهن.

فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته دهشتگردي ۽ ڪرپشن سماج ۾ پاڙون مضبوط ڪري ورتيون آهن، پ پ وارا ڪرپشن جا مها بادشاهه بڻيل آهن.

جي يو پي جَي اويس نوراني چيو ته ڪراچي آپريشن بارگيننگ آپريشن آهي، هڪ سال بعد ختم ٿي ويندو، عوام جون اميدون فوج ۽ رينجرز ۾ آهن، کين مايوس نه ڪيو وڃي.

هن چيو ته 12 ربيع الاول، طاهر پلازه ۽ بولٽن مارڪيٽ سميت ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي سمورن واقعن جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو ته ڪراچي کي هڪ پارٽي کان کسي ٻي پارٽي حوالي ڪرڻ سان امن نه ٿيندو، ڪراچي جي عوام کي پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو حق ڏنو وڃي.

هن چيو ته پارليامينٽ ۾ انتهاپسند جماعتن جا نمائندا ويٺل آهن، تن جا ماسٽر مائنڊ گرفتار ٿيڻ گهرجن، جڏهن ته ڪراچي ۾ اليڪشن نه پر ڏوهارين ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن جي ضرورت آهي.

اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو ته ملڪ ۾ سياسي ڳٺجوڙ تحت ئي اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ ٿي آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن يرغمال آهي.

پي ٽي آءِ جي ناز بلوچ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪردار شڪي بڻجي چڪو آهي، پيپلز پارٽي ذوالفقار ڀٽو جي ويزن تي عمل ڪري ها ته سنڌ پئرس بڻجي چڪو هجي ها.

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *