Home سنڌ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماتمي جلوس برآمد ٿي رهيا آهن
0

ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماتمي جلوس برآمد ٿي رهيا آهن

0
0

matim

اسلام جي عظمت حق ۽ سچ جي سربلندي لاءِ حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنهه ۽ سندس جانثارن پاران ڏنل عظيم قرباني جي ياد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماتمي جلوس برآمد ٿي رهيا آهن، جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا هزارين اهلڪار کي مقرر ڪيا ويا آهن.

 لاڙڪاڻي ۾ ڪربلا جي شهيد جي ياد ۾ جاڙل شاهه جي پڙ، جعفري امام بارگاهه، کِچي امام بارگاهه، بهادر شاهه جي پڙ ۽ لاهوري محلي سميت 50 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ماتمي جلوس بر آمد ڪيا ويندا.

ماتمي جلوسن ۾ 6 انتهائي حساس  هنڌن سميت 12 حساس هنڌن  تي 25  سئو پوليس اهلڪار، 300 رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ۽ 200 آرمي جا جوان اسٽينڊ باءِ رکيا ويا آهن.

نوابشاهه: چهلم تي مرڪزي جلوس مرڪزي مرتضوي امام بارگاههه موهڻي بازار مان نڪرند ڪشمير چوڪ کان مبت العلوم امام بارگاهه پهچندو، جتي مجلس ٿيندي ۽ جلوس واپس ٿيندو شام واپس مرڪزي امام بارگاهه تي نهر ٿيندي 52  ننڍا وڏا جلوس، رينجرز ۽  پوليس اهلڪار  مقرر ڪيا ويا آهن     *   *   اوٻاوڙو: مام بارگاهه حسيني،  حيدر شاهه، فقير پلڻ امام جي درگاهه تان ماتمي جلوس بر آمد، زنجيرن جون ماتمي اهي، حسيني امام بارگاهه تي نهر ٿيندو      *     سانگهڙ: چهلم جو ماتمي جلوس امام بارگاهه هيدري تان مرجڪزي نڪتو، امام حسيني تي ويو، ننڍا وڏا 96 آهن، پوليس رينجرز جا اهلڪار مقر ڪيا يويا آهن   *   ڪنڌڪوٽ: ڪشمور ضلعي ۾  چهلم جا 8 جلوس بر آمد، امام سيد غلام شاهه، ڳوٺ علي گل گولو مان 27 ميل جو ماتمي جلوس، تنگواڻي مان حسيني امام بارگاهه، ڪرمپور، ڪشمور جي پير فتح شاهه بخاري مان علامه اسد اقبال زيدي جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس بر آمد، پڊاڻي جي سيد ميهر شاهه، امام بارگاهه الحسيني مان ماتمي جلوس بر آمد   *  محرابپور مرڪزي جلوس امام بارگاهه انجمن نوجوان شيعا کان بر آمد ٿيو جيڪو ميرن جي امام بارگاهه تي نهر ٿيندو    *  ميهڙ مان مرڪزي امام بارگاههه مان ماتمي جلوس بر آمد ڪيو ويو آهي*   ڳڙهي خيرو: امام بارگاهه ڪثر حسين مان مرڪزي جلوس بر آمد، شهر جي 10 کان وڌيڪ جلوس ڪڍيا وپيا وڃن

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *