Home سنڌ لانڍي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ۽ اڻڄاتل ماڻهن ٻن موٽرسائيڪلن کي باهه ڏئي ڇڏي

لانڍي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ۽ اڻڄاتل ماڻهن ٻن موٽرسائيڪلن کي باهه ڏئي ڇڏي

0
0

karachi-bd-rengras

 مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي دوران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙن بعد ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، لانڍي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو ۽  اڻڄاتل ماڻهن ٻن موٽرسائيڪلن کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته گلستان جوهر ۽ اورنگي ٽائون ۾ جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ تان ڪجهه دير لاءِ پولنگ روڪي وئي.

ڪراچي جي 6 ئي ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ووٽنگ جاري آهي، مختلف علائقن ۾ عملو دير سان پهچڻ ۽ پولنگ اسٽيشنز تي بهتر انتظام نه هئڻ جون شڪايتون مليون آهن.

لانڍي  نمبر هڪ جي مختلف يوسيز تي سياسي اڳواڻ جا پوسٽر ڦاڙڻ تان ٻن سياسي پارٽي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن بعد ڪجهه دير لاءِ پولنگ عمل رڪيل رهيو.

لانڍي هڪ نمبر ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته اڻڄاتل ماڻهن ٻن موٽرسائيڪلن کي پڻ باهه ڏئي ڇڏي.

ٻن سياسي گروپن ۾ جهيڙي بعد پولنگ عمل متاثر رهيو، جنهن بعد رينجرز پهچي صورتحال تي ضابطو آندو.

ملير جي شمسي سوسائٽي واري علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهِيڙي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گلشن حديد جي يوسي 23 جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي عورتن لاءِ ڌار بوٿ نه ٺاهيو ويو، جنهن سبب عورتون ۽ مرد هڪ قطار ۾ بيهي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.

گلستان جوهر انڪم ٽئڪس بلڊنگ ۾ بيلٽ باڪس لڪائڻ تي 2 سياسي گروپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن سبب پولنگ ڪجهه وقت لاءِ روڪي وئي.

لياقت آباد يوسي 42 ابن سينا پولنگ تي عورت ووٽرز نه پهتيون، جڏهن مواڇ ڳوٺ ۾ پولنگ دوران  جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ تان ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب پولنگ عمل متاثر ٿيو.

محمود آباد واري علائقي ۾ به رينجرز جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪندي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پ پ سينيٽر سعيد غني الزام مڙهيو آهي ڪراچي ۾ ٺپا مافيا سرگرم ٿي وئي آهي ۽ چنيسر ڳوٺ ۾ پولنگ عملي کي هڪ سياسي پارٽي جا ٺپا هڻندي پڪڙيو ويو آهي………………

LEAVE YOUR COMMENT

Your email address will not be published. Required fields are marked *